اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پارليامينٽ هائوس ۾ فلسطين جي اڳوڻي وزيراعظم اسماعيل هنيه جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قانون، انصاف ۽ پارليا??ان?? معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي اسپيڪر راجا پ??ويز اشرف، سيد نويد قمر، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ بئري??ٽر گوهر علي خان، عامر ڊوگر سميت مختلف سياسي پا??ٽي?? سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي آفيسرن ۽ ملازمن ۽ ميڊيا جي نمائندن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. غائبانه جنازي نماز پارليامينٽ هائوس جي جامع مسجد جي خطيب مفت حمد الرحمان پڙهائي. ان موقعي تي اسماعيل هنيه جي روح جي ايصال ثواب ۽ فلسطين جي آزادي، فلسطيني عوام کي درپيش مسئلن جي خاتمي ۽ مسلمان امت ج?? يڪجهتي جي لاءِ پڻ خصوصي دعا ڪئي وئي.