ڪوئيٽا-08 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير م??ر سرفراز بگٽي چي?? آهي ته گوادر ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي سان ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي سامهون آئي آهي، مسئلي جي جلد لاءِ پرُاميد آهيون، چمن مسئلي جي حل لاءِ ون ڊاڪيومينٽ رجيم تي عملدرآمد لاءِ چمن جي شهرين کي پهريون ڀيرو مفت پاسپورٽ ڏنو ويندو. اهڙو اظهار هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چي?? ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي سان پهرين ڏينهن کان ڳالهيون ڪ??ي رهيا آهيون، هاڻ به ڳالهين جو مر??لو هلي رهيو آهي، صوبائي حڪومت ان ڳالهه تي قائل آهي، آئين پاڪستان جي اندر رهندي جمهوري جدوجهد ڪندڙن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جو نالو وٺڻ کانسواءِ هن چي?? ته گوادر ڌرڻي جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهيون آخري مر??لي ۾ آهن جلد ڳالهين ذريعي مسئلي جو حل ڪڍيو ويندو