اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير جي ضلعي ڊوڊه ۾ ڀارتي فوجين جي هٿان چار ڪشميري نوجوانن جي قتل جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي قابض عملدارن جي اها وحشي??ڻي ڪارروائي ڪشميرين جي خ??اف ڀارت جي غيرقانوني ۽ جابر??ڻي ڪاررواين جو هڪ ٻيو مثال آهي. هن چيو ته اسان عالمي برادري تي زور ڀريون ??ا ته اها ڀارت کي پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خ??اف ورزين جي لاءِ جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻي ۽ ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادي جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ??مو?? ۽ ڪشمير تڪرار جي منصف??ڻي ۽ پرامن حلجي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.