اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان غزه جي علائقي خان يونس ?? مخصوص محفوظ زون المواسي تي اسرائيلي قابض فوج جي فضائي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 40 شهري شهيد ٿي ويا آهن، اسرائيلي قابض فوج پاران بي گ??ر ماڻهن جي لاءِ پاڻ ان جڳهه کي محفوظ زون قرار ڏئي ان تي حملو ڪرڻ عالمي انساني قانون جي واضح خل??ف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته خان يونس ?? قتل عام انساني زندگي جي بي توقيري ۽ ف??سط??ني عوام جي خل??ف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي ارادن کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته هڪ مخصوص محفوظ زون ۾ پناهه وٺندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائڻ عالمي انساني قانون جي سنگين خل??ف ورزي کي ظاهر ڪري ٿو. ترجمان چيو ته شهري آبادين ۽ انساني همدرديءَ جي علائقن جي تحفظ جي ضرورت آهي. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيلي قابض فوج کي ف??سط??ني عوام جي خل??ف نسل ڪشيءَ جي مهم جاري رک?? کان روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خل??ف ڏوهن تي جوابده بڻائي.