اسلام آباد-19 سيپٽمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪفايت شعاري ۽ قومي پئسي جي بچت لاءِ اسيمبلي سيڪر??ٽر??ٽ جي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن تحت اسٽيشنري سميت ٻين اسمن ۾ 50 سيڪڙو ڪٽوتي جو فيصلو ڪيو ويو. قومي اسيمبلي سيڪر??ٽر??ٽ موجب اسپيڪر جي هدايت تي ڪفايت شعاري مهم تحت اسيمبلي سيڪر??ٽر??ٽ درپيش مالي چئليجز کي نظر ۾ رکندي خرچن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي. عوامي پئسي جي بچت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت ڪفايت شعاري جا قدم کنيا ويا آهن جن جو مقصد قومي مفاد ۾ ??ير ضروري خرچن کي گهٽ ڪرڻ آهي. سيڪر??ٽر??ٽ سمورن آفيسرن ۽ شعبن کي ڪفايت شعاري جي قدمن تي سختي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اسٽيشنري اسمن ۽ ٻين شين جي محتاط استعمال کي يقيني بڻائڻو پوندو.اسٽيشنري ۽ ٻين شين جي ڊمانڊ مهيني ۾ صرف هڪ دفعو لاڳاپيل 20 هين گريڊ يا ان کان مٿي جي آفيسر جي اجازت سان ڪئي ويندي. جوائنٽ سيڪر??ٽر?? (ايڊمن) ۽ ڊپٽي سيڪر??ٽر?? (ايڊمن) کي ??ير ضروري اسٽيشنري جي طلبي تي 50 سيڪڙو ڪٽوتي جو اختيار سونپيو ويو آهي. اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪاغذ کي ٻنهي طرفن کان استعمال ڪرڻ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. اسيمبلي سيڪر??ٽر??ٽ کي استعمال نه ٿيل سرڪيولر کي ٻيهر استعمال ۾ آڻڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي. انهن سرڪيولرز جون فالتو ڪاپيون، جن ۾ خالي جڳهه هجي، ڊرافٽ تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن. آف سيٽ پيپر ۽ نوٽ شيٽ جو استعمال ڊرافٽ لکڻ لاءِ منع ٿيل هوندو. سرڪيولر ۾ آفيسن جا ٽيليفون محتاط نموني سان استعمال کي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي آهي. جن آفيسرن جي آفيس جي ٽيليفون تي ڪا حد مقرر ناهي اهي پنهنجي ٽيليفون جي استعمال کي گهٽ کان گهٽ ڪن. ٽيليفون جي ??ير ضروري بلن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ٽيليفون جي ??ير ضروري استعمال ۾ گهٽتائي آڻڻ سان امڪاني حد تائين خرچن ۾ گهٽتائي ڪري سگهبي. اهي آفيسر جيڪي ٽيليفون جي استعمال جي مقرر حد رکن ٿا اهي پنهنجي آفيس جي ٽيليفون بلن ۾ گهٽتائي آڻين. ٽيليفون جي بلن ۾ گهٽتائي سان عوامي پئسي جي بچت ۽ قومي مفاد کي يقيني بڻائي سگهبو. اسپيڪر قومي اسيمبلي سيڪر??ٽر??ٽ کي انهن قدمن تي سختي سان عمل کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ??ير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي آڻي ملڪ جي درپيش مالي مشڪلاتن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.