اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري محفوظ، پائيدار ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ نظام جي ??رو?? لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪندو، جنهن سان امن ۽ خوشحالي جي دور جي شروعات ٿيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بيجنگ ۾ ٿيندڙ عالمي پائيدار ٽرانسپورٽ ف??رم 2024ع کي وڊيو خطاب ڪندي ڪيو. ص??ر پنهنجي خطاب ۾ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن جي ??رو?? ۾ چين جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيندي چ??و ته پاڪستان پائيدار ترقي کي ??رو?? ڏي ۽ عالمي ۽ علائقائي اقتصادي خوشحالي ۾ چين جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چين جي صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چين جي قومي ترقي جي منصوبن کي به ساراهيو. صدر حڪومت پاران کنيل قدمن جو ذڪر ڪندي ف??رم کي آگاهه ڪ??و ته پاڪستان عورتن جي لاءِ خصوصي پنڪ بسون متعارف ڪرايون آهن ته جيئن پبلڪ ٽرانسپورٽ جو محفوظ، آرامده ۽ پهچ جوڳو طريقو فراهم ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عوام جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ موثر، ماحول دوست ٽرانسپورٽ جي لاءِ پائيدار انفراسٽرڪچر جي ضرورت آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۾ ڳوٺاڻي علائقن جي روڊن تائين پهچ 92 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جيڪا نمايان بهتري آهي. ڳوٺاڻي علائقن جي پهچ ۾ اضافو پائيدار ترقي جي ??رو?? ۽ ڳوٺاڻي آبادي کي بنيادي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ٿيندو. صدر چ??و ته پاڪستان جي بنيادي ڍانچي جي پائيدار سارسنڀال ۽ موسمياتي تبديلي جهڙا چئلينجز درپيش آهن. گذريل 5 سالن ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏن، شديد برساتن سميت موسمي حالتن پاڪستان جي ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهچايو آهي. صدر آصف علي زرداري چ??و ته پاڪستان ميمبر ملڪن جي ٽرانسپورٽ انتظاميا جي وچ ۾ پائيدار ٽرانسپورٽ تعاون جو حمايتي آهي.