اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان برطانوي پارليامنٽ جي ميمبر محمد ياسين اڱاري ڏينهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر اياز صادق چي?? ته پاڪست??ن جا برطانيه سان پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، پاڪستاني حڪومت ۽ عوام برطانيه سان خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي راهه تي گامزن آهي. پاڪستان برطانيه سان پارلياماني ۽ اقتصادي سهڪار سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي ??لڪ?? جي پارليامانن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. هن چي?? ته برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني برطانيه جي قومي ت??قي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پاڪ- برطانيه پارلياماني فرينڊ شپ گروپ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. برطانوي پارليامنٽ ميمبر چي?? ته برطانيه پاڪستان سان پنهنجي تاريخي ۽ پراڻن لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو. پارلياماني فرينڊ شپ گروپس جي پليٽ فارم سان ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ مضبوط پارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ملندي، پاڪست??ن جو ت??قي طرف سفر انتهائي تعريف جوڳو آهي.