اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جي صد?? ۽ وزيراعظم آمريڪا جي نئين چونڊيل صد?? ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪباد ڏني ??هي?? پاڪستان ۽ آمريڪا پراڻا دوست ۽ حصيدار ??هن?? اسان هڪ ٻئي جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت تي ٻڌل لاڳاپا رکون ٿا، والاريل ڪشمير جي آزادي پسند اڳواڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن فرنٽ جي چي??رم??ن محمد ياسين ملڪ جي نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ بک هڙتال ۽ خراب ٿيندڙ صحت تي ڳڻتي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته پاڪستان کي محمد ياسين ملڪ جي خراب ٿيندڙ صحت تي سخت ڳڻتي ??هي?? کيس فوري طور تي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان ياسين ملڪ جي فوري آزادي جو پڻ مطالبو ڪري ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان غزه ۾ فوري فائربندي جو مطالبو ڪيو ??هي?? غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪريون ٿا، پاڪستان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي ??هي?? غزه ۾ نسل ڪشيءَ کي فوري بند ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومون پنهنجو ڪردار ادا ڪري، غزه ۾ اسرائيل پاران نسل ڪشيءَ جي جنگي ڏوهن تحت جاچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي غزه جي صورتحال بابت رپورٽ جي آجيان ڪريون ٿا، اسرائيلي حملن سان فوري طبي امداد جي منتظر فلسطينين کي امداد حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن. ممتاز زهره بلوچ هڪ سوال جي جواب ۾ صد?? ۽ وزيراعظم پاڪستان نئين چونڊيل آمريڪي صد?? ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪباد ڏني ??هي?? پاڪستان جا آمريڪا سان پراڻا لاڳاپا ??هن?? پاڪستان ۽ آمريڪا پراڻا دوست ۽ حصيدار ??هن?? اسان هڪ ٻئي جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت تي ٻڌل لاڳاپا رکون ٿا. ياد رهي ته محمد ياسين طبي سهولتن جي عدم فراهمي جي خلاف تهاڙ جيل ۾ گذريل 7 ڏينهن کان بک هڙتال تي آهي.