سرگوڌا – 08 – نومبر (اي پي پي) يونيورسٽي آف سرگوڌا جي ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز شعبي صحافتي اخلاقيات تي هڪ بامعنيٰ ڪميونٽي انگيجمينٽ سيشن منعقد ڪيو. جنهن ۾ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. اها تقريب يونيورسٽي جي ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ سرگوڌا ڊويزن جي ٽي وي ۽ اخباري صحافين ??ان گڏوگڏ ميڊيا اسٽڊيز جا شاگرد پڻ موجود هئا. ورڪنگ صحافين ۽ ميڊيا اسٽوڊنٽس کي ??طاب ڪندي محمد عاصم کچي معروضي، غيرجانبدار ۽ حقيقتن تي ٻڌل صحافت جي اهميت تي زور ڏنو. هن انويسٽيگيٽو صحافت جي ضرورت کي ??جاگر ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کي ??ديد صحافت جي لاءِ ايڪهين ??ديءَ جون ضروري مهارتون سکڻ جي ترغيب ڏني. هن ان ا??يد??ن ۾ اڀرندڙ رجحانن جهڙوڪ مصنوعي ذهانت، ڊيٽا جرنلزم، وڊيو اسٽوريز ۽ اڳڪٿي تي ٻڌل صحافت کي ??ديد صحافتي مهارتن جو اهم جز قرار ڏنو. ان موقعي تي سوال جواب جي ويهڪ پڻ ٿي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي عاصم کچي معلومات کي ??ڌوسنئون ذريعن کان تصديق ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن خبرن جي درستگي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن ٻڌايو ته حڪومت، صحافتي تنظيمون ۽ ميڊيا ڪائونسلز پڻ فيڪ نيوز جي نشاندهي ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ جي تربيت فراهم ڪري رهيون آهن. ڪميونيڪيشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر مدثر حسين ??اهه يونيورسٽي آف سرگوڌا ۽ اي پي پي جي وچ ۾ صحافين ??ي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ گڏيل تعاون جو اعلان ڪيو. هن چيو ته اهو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر قيصر عباس جو ويزن آهي ته سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن سان حصيداري جي ذريعي صحافين کي مصنوعي ذهانت، ڊيٽا جرنلزم، وڊيو ايڊيٽنگ، مواد جي تخليق ۽ سوشل ميڊيا پروڊڪشن ۾ تيز رفتار تربيت ڏني وڃي ته جيئن ڏورانهن علائقن ۾ ڪم ڪندڙ صحافي پنهنجي پيشيواراڻي ۽ مالي حالتن کي ??هتر بڻائي سگهن. ان کان اڳ افتتاحي خطاب ۾ اسسٽنٽ پروفيسر نعمان ياسر ڪميونٽي انگيجمينٽ کي هڪ بامعنيٰ عمل قرار ڏنو ۽ ان کي ??نڊسٽري ۽ اڪيڊميه جي وچ ۾ اهڙو ربط قرار ڏنو جنهن سان ٻنهي ڌريون فائدو کڻي سگهن ٿيون. تقريب جي نظامت اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان قيصر ڪئي جنهن ۾ ٽي وي ۽ اخباري صحافين ??ي وڏي انگ شرڪت ڪئي.