اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ زلزلي، نئين سر تعمير ۽ بحالي اٿارٽي (ايرا) جي 15هين ڪائوسنل جو اجلاس ٿيو. ايرا جي چيئرمين، ايرا ڪائونسل جي ميمبرن ۽ نيشنل ڊي??اسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ ايرا ۽ اين ڊي ايم اي جي اسٽريٽجڪ انضمام جي عمل تي ڌيان ڏنو ويو. نائب وزيرا??ظم چيو ته انضمام جو عمل آپريشنز کي هموار، وسيلن جي ورڇ ک?? بهتر ۽ آفتن کي منهن ڏي?? جي مجموعي فريم ورڪ کي مضبوط بڻائيندو. ڊي??اسٽر ريسپانس فريم ورڪ کي هم آهنگ ڪرڻ ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومتن کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.