راولپنڊي-21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي پهرين ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پ??رڪ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿي گذري، پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب پنهنجي خطاب ۾ پاڪ بحريه جي سربراهه چي?? ته پاڪستان ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پ??رڪ ميري ٽائيم سائنسز ٽيڪنالاجي، ڪاروبار ۽ صنعت جي شعبي ۾ ترقي جي راهه هموار ڪندي. پي ايم ايس ٽي پي پ??ڪستان جي جي ڊي پي ۽ بحري شعبي جي ترقي لاءِ نوان رستا کوليندي. پي ايم ايس ٽي پي پ??ڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين ميري ٽائيم سائنس پارڪ آهي،هن پارڪ جو مقصد بحري ٽيڪنالاجيز، آرٽيفيشل انٽيلي جنس، سائبر سيڪيورٽي، اوشن رينيوايبل انرجي، سي فوڊ پروسيسنگ، جهاز سازي ۽ سامونڊي سياحت سميت ڪيترن ئي شعبن کي هٿي ڏيڻ آهي. پاڪستان ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پ??رڪ هڪ جديد تحقيقي ۽ ترقياتي مرڪز ??هي جيڪو پاڪستان جي سامونڊي وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي کي ترقي ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويو ??هي.