اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) اطل??عا??، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ”جيل مان آزاد ڪريو ته احتجاج ملتوي ڪندس“ جو بيان قيدي جي فرسٽريشن ۽ گهٻراهٽ جو اعتراف آهي، ثابت ٿيو ته 24 نومبر تي انتشار جي ڪال جو مقصد ”ڊيل“ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي. باني پي ٽي آءِ جي جيل مان بيان تي تبصرو ڪندي اطل??عا?? واري وفاقي وز??ر چيو ته جيڪو چوندو هو ته ڊيل نه ڪند??، هاڻي ”ڊيل ڪريو، ڊيل ڪريو“ جون صدائون هڻي رهيو آهي ۽ وفاق تي لشڪرڪشيءَ ڪرڻ تي بضد آهي. توهان سان ڊيل رڳو ”قانون“ ڪندو جنهن جا توهان ڏوهاري آهيون.