اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آ??ي ته خدارا پاڪستان کي پنهنجي گندي سياست تي اوليت ڏيو. ڊپٽي وزيراعظم آفيس طرفان ملڪ جي موجوده صورتحال جي ??والي سان جاري بيان ۾ هن سوال ڪيو ته سياسي احتجاج يا ملڪ جي ??زت ۽ وقار سان سوچيل سمجهيل سازش ۽ راند؟ هن چيو ته تحريڪ انصاف هر ڀيري احتجاج جو سڏ اهڙي وقت تي ڇو ٿي ڏي جڏهن اهم عالمي شخصيتون پاڪستان اچي رهيون هجن، توڙي اهي 14 آڪٽوبر تي چيني وزيراعظم جو دورو هجي، 15 -16 آڪٽوبر تي ايس سي او سمٽ لاءِ دنيا جي ??ربراهن جو پاڪستان اچڻ هجي يا اڄ ??ان شروع ٿيندڙ بيلاروس جي ??در جو دورو هجي، جنهن لاءِ سندس وزير ۽ اهم ڪاروباري شخصيتون پهچي چڪيون آهن. محمد اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته خدارا پاڪستان کي پنهنجي گندي سياست تي اوليت ڏيو.