اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قومي اقتصادي ڪائونس?? جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي 11 منصوبن تي غور ڪيو جن مان 172.7 ارب رپين جي 10 منصوبن جي منظوري ڏني وئي. صحت واري وزارت پاران وڌيڪ وضاحت جي ل??ءِ هڪ منصوبو ملتوي ڪيو ويو، منظور ٿيل منصوبن مان 6 بلوچستان ۾ آهن. منظور ٿيل منصوبا بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي صوبن ۾ رابطن کي بهتر بڻائڻ جي ل??ءِ بنيادي ڍانچي جي شعبي بابت آهن. ڪراچي جي ل??ءِ 29.2 بلين رپين جي لاڳت سان سالڊ ويسٽ انفراسٽرڪچر جي ترقي جي ل??ءِ ورلڊ بئنڪ جي فنڊيڊ منصوبي جي منظوري پڻ ڏني وئي.