اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وز??ر قيصر احمد شيخ چيو آهي ته ملڪي بندرگاهن جي آپريشنل ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ پورٽس ??وآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، وزارت سامونڊي معاملن کي عالمي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ سامونڊي ۽ بندرگاهن جي قانونن کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ڪري ر??ي آهي، 12 ارب روپين جي گڊاڻي پراجيڪٽ جو مقصد هڪ ماحولياتي طور تي مناسب جهاز ري سائيڪلنگ جي سهولت پيدا ڪرڻ آهي ج??ڪا گرين شپنگ لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪري ٿو. اهڙو اظهار هن ستين ميري ٽائيم سيڪيورٽي ورڪشاپ ۾ سمورن شرڪت ڪندڙن جو شاندار استقبال ڪندي ڪيو. وفاقي وز??ر شرڪت ڪندڙن سامهون اهم قدمن ۽ اسٽريٽجڪ منصوبن تي ر??شني وڌي ج?? جو مقصد پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪٽر کي اڳتي وڌائڻ آهي. ورڪشاپ ۾ پاڪ بحريه جي اعليٰ عملدارن، صحافين، پارليامينٽ جي ميمبرن، واپاري برادري ۽ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. ستين ميري ٽائيم سيڪيورٽي ورڪشاپ جي وفد جي قيادت ريئر ايڊمرل اظهر محمود، ڪمانڊر سينٽرل پنجاب ڪري ر??يو هو. پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ وفاقي وز??ر پاڪستان ميري ٽائيم سيڪٽر جي وڌندڙ اهميت ۽ ملڪ جي معاشي مستقبل جي ج??ڙجڪ ۾ اهم ڪردار تي زور ڀريو. هن ميري ٽائيم ڊومين جي اندر موجود چئلينجن ۽ موقعن کي تسليم ڪيو ۽ علائقائي تعاون کي وڌائڻ ۽ عالمي واپاري لاءِ محفوظ ۽ پائيدار سامونڊي ر??ٽس ??ي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وز??ر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جو بحري شعبو خاص طور تي بنيادي ڍانچي ج?? اهم منصوبن ۽ پاليسي سڌارن ذريعي ملڪ جي اقتصادي ترقي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ عالمي واپاري رابطن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن ڪراچي ۽ گوادر وچ ۾ جاري ر??ل ۽ روڊ ڪنيڪٽويٽي اپ گريڊيشن تي زور ڀريو جيڪو اندروني رابطن کي وڌائڻ ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي واپار جي حمايت لاءِ آهم آهن. هن ٻڌايو ته 12ا رب روپين جي گڊاڻي پراجيڪٽ جو مقصد هڪ ماحولياتي طور تي مناسب جهاز ري سائيڪلنگ جي سهولت پيدا ڪرڻ آهي ج??ڪا گرين شپنگ لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪري ٿو.