راولپنڊي-02 جنوري (اي پ?? پي) 9 مئي 2023ع واري سانحي جي 19 ڏوهارين جي سزائن ۾ معافي جو اعلان ڪيو و??و آهي. سزائن تي عملدرآمد دوران ڏوهارين قانوني حق استعمال ڪندي رحم ۽ معافي جون ??رخ??استون داخل ڪيون هيون، پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب گڏيل طور تي 67 ڏوهارين رحم جون ??رخ??استون داخل ڪيون هيون، 48 ??رخ??استن کي قانوني ڪارروائي لاءِ ڪورٽس آف اپيل ۾ نظرثاني لاءِ موڪليو و??و، 19 ڏهارين جي ??رخ??استن کي انساني بنيادن تي قانون موجب منظور ڪيو و??و آهي. داخل ڪيل رحم وارين ??رخ??استن تي عملدرآمد مقرر مدي ۾ قانون موجب ڪيو و??ندو. ڏوهارين کي باضابطه ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آزاد ڪيو پيو وڃي، سمورن ڏوهارين وٽ اپيل ڪرڻ ۽ قانون ۽ آئين موجب ٻيا قانوني حق برقرار آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ اپريل 2024ع ۾ قانون موجب انساني همدردي جي بنياد تي 20 ڏوهارين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو و??و هو.