اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گرين پاڪستان پروگرام تحت ملڪ ۾ ”پروٽيڪٽڊ ايريا انيشيٽو“ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هن اها منظوري وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت صلاحڪار ملڪ امين اسلم سان ملاقات جي موقعي تي ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان ج??ري بيان موجب اها ملاقات گذريل مهيني وزيراعظم طرفان منظور ڪيل ان پيڪيج جي تسلسل ۾ هئي جنهن ۾ ڪووڊ 19 سب?? بيروزگ??ري کي منهن ڏيندڙ 65 هزار نوجوانن، ڏهاڙيدارن جي سڄي ملڪ ۾ وڻڪ??ري ۾ خدمتون حاصل ڪرڻ شامل آهي.