اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي سينسرشپ نه آهي، ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪس وانگر صحافي به ڪورونا وبا جي خلاف جنگ ۾ پهرين صف ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، محدود وسيلن جي باوجود ملڪ جي ڏورانهن علائقن جي پر??س ڪلبن جي مالي مدد جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي خاص هدايتن تي پر??س ڪلبن جي مالي مدد ??ئي پئي وڃي. هو ملڪ جي مختلف پر??س ڪلبن جي عهديدارن ۾ مالي مدد جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي سيڪ??يٽ??ي اڪبر حسين دراني، نيشنل پر??س ڪلب اسلام آباد سميت سڄي ملڪ جي پر??س ڪلبن جا عهديدار ان تقريب ۾ شريڪ هئا. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي لاءِ اڄ خوشي جو ڏينهن آهي ته آئون سڄي ملڪ جي مختلف پر??س ڪلبن جي عهديدارن سان ملاقات ڪري رهيو آهيان. اطلاعات واري وزارت جي سيڪ??يٽ??ي ۽ سندس ٽيم جيڪا ڪوشش ڪئي آهي اها ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان جي پراڻي خواهش ۽ واضح هدايتون هيون ته ڪلبز ۽ صحافي برادري جي هر ممڪن مدد ??ئي وڃي ان سان گڏوگڏ اهي صحافي جيڪي بيمار يا ڪنهن مشڪل ۾ آهن انهن جي به مدد ??ئي وڃي، پنهنجي محدود وسيلن جي باوجود پر??س ڪلبن ۽ صحافين جي مدد ??رڻ وڃي رهيا آهيون.