اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي نوجوانن جي معامل واري خاص ??عاون عثمان ڊار اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير ??ينيٽر شبلي فراز سان م??اقات ڪئي آهي. ملاقات دوران 9 آگسٽ کي ٽائيگر فورس ڊي طور ملهائڻ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان م??جب اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير ??ينيٽر شبلي فراز چيو ته ٽائيگر فورس جي رضاڪارن جو جذبو ساراهه جوڳو آهي. وبائي صورتحال ۾ بنا ڪنهن معاوضي جي خدمتن تي رضاڪارن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ٽائيگر فورس هڪ ڀيرو ٻيهر عملي طور تي ثابت ڪيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن بي مثال آهي. وزيراعظم جي خاص ??عاون عثمان ڊار چيو ته ٽائيگر فورس جي رضاڪارن ڪورونا وبا دوران خدمت خلق جي جذبي سان مثالي ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي 9 آگسٽ جي ڏينهن کي ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته 9 آگسٽ کي پاڪستان جي تاريخ جي هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻوٽا هڻي انهن رضاڪارن جي خدمتن کي ساراهيو ??ين??و.