اسلام آباد – 22 آڪٽوبر اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آ??ي ته مخالف ڌر ڪراچي ۾ مزار قائد جي بي حرمتي ۽ جرم تي ڌيان بدران افراتفري ۽ غير يقيني وڌائڻ چاهي ٿي، ??نڌ جو وڏو وزير به مڃي رهيو آ??ي ته اتي غلط ڪيو وي?? آهي، ائين ڪندڙن کي سزا ڏيارڻ بدران الٽو سياست ڪئي پئي وڃي، اتي هڪ نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت آهي، توهان نتيجن جي پرواهه ڪري رهيا آهيو. سينيٽ ۾ خيالن جو اظها?? ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان پارليامينٽ ۾ وي??ل آهيون ۽ افسوس ان ڳالهه جو آ??ي ته اهڙي پارٽي جنهن قائداعظم جي نا??ي تي پنهنجو نا??و رکيو آهي، ان جي اڳواڻ جي نا??ي قائداعظم جي مزار جي بي حرمتي ڪئي ۽ اهڙو رويو اختيار ڪيو جنهن کي پيپلزپارٽي جو وزير اعليٰ به مڃي رهيو آ??ي ته غلط ڪيو آهي جنهن تي ان جي خلاف ڪيس ٺهي ٿو، جرم تي ڌيان بدران ۽ اهو ڏسڻ بدران ته ان کي ڪهڙِي سزا ملڻ گهرجي ته ان اهڙو رويو اختيار ڪيو ۽ هُل هنگامو ڪيو، الٽو مخالف ڌر سياست ڪري رهي آهي.