اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر ذاتي مفادن لاءِ ملڪ جي سيڪيورٽي کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، معيشت جي ا??تح??ام لاءِ امن ۽ سياسي ا??تح??ام ضروري آهي، اسان چاهيون ٿا ته ادارا مضبوط هجن، انهن جا اڳواڻ پرڏيهه ۾ ويهي ملڪ جي خلاف ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ دشمن جي زبان نه ڳالهائين، آزاد بلوچستان جو نعرو اسان جي دشمنن جو بيانيو آهي، مخالف ڌر کي اهڙو بيانيو نه ڏيڻ گهرجي جنهن سان ملڪ ۾ افراتفري ۽ غير يقيني جي صورتحال پيدا ٿئي، ڪورونا وبا اڃان موجود آهي ختم ناهي ٿي، اسان کي وبا کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن، معيشت کي ترقي جي لاءِ سياسي ا??تح??ام گه??جي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ ۾ مخالف ڌر ميمبرن پاران پشآور ۾ دهشتگردي جي واقعي جي حوالي سان اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي ڪ??و، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ جيڪي شهادتون ٿيون آهن انهن تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ پوري ملڪ ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، وزيراعظم به ان حوالي سان پنهنجو بيان جاري ڪ??و ۽ سڄي دنيا ۾ اسلاموفوبيا جي حوالي سان اسلامي ملڪن جي سربراهن کي خط به لکيو ويو آهي، گ??تا??ي رسول ﷺ کي ڪ??هن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي.