اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ (يو اين ايم او جي آءِ پي) جي مبصرن جي گاڏي کي ڄاڻي واڻي ??شا??و بڻائڻ تي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، گڏيل قومن جي مبصرين گذريل ڏينهن ايل او سي جي چيريڪوٽ سيڪٽر ۾ ڀارت پاران جنگ بندي جي خ??اف ورزي جي متاثرين سان ملاقات لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي پولس ڳوٺ وڃي رهيا هئا، خوش قسمتي سان گاڏي ۾ موجود ٻنهي مبصرين کي ڪو به نقصان نه پهتو ۽ پاڪ فوج کين حفاظت سان بچائي راولاڪوٽ پهچايو، تنهن هوندي به انهن جي گاڏي کي نقصان پهتو، اهو حملو ڄاڻي واڻي ڪيو ويو هو ڇو ته ??ڏيل قومن جي گاڏي، مخصوص ??شا?? ۽ نيلي رنگ جي جهنڊي جي ڪري پري کان به واضح طور تي سڃاتي ويندي آهي.