اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هو پاڪستان ??حريه جي بهترين تربيت، فرض سان لڳاءُ ۽ قرباني جي جذبي کان ??مام گهڻو متاثر ٿيو آهي. ٽوئيٽر بيان ۾ صدر چيو ته ستين گهڻ ملڪي م??ري ٽائيم مشق امن 2021ع بحر هند ۾ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان ??ي عزم جي عڪاس آهي. هن چيو ته امن 2021ع مشقون سامونڊي واپار ۽ سمنڊ ۾ معدني وسيلن جي ڳولا بابت ڪوششن جون به عڪاس آهن. ستين گهڻ ملڪي م??ري ٽائيم مشق امن ڇهن ڏينهن تائين جاري رهڻ کانپوءِ پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ صدر خاص مهمان ??ي حيثيت سان ??رڪت ڪئي. مشقن ۾ اٽڪل 45 ملڪن حصو ورتو. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ب??يره عرب ۾ موجود پاڪ بحريه جي جهاز جي اچڻ تي اميرالبحر صدر جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي صدر کي امن مشقن جي حوالي سان ??ريفنگ ڏني وئي. مشقن ۾ شريڪ ملڪن جي سامونڊي ۽ هوائي جهازن صدر کي سلامي پڻ پيش ڪئي.