اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ مظاهرين جي جنگ ۽ جيو گروپ جي مرڪزي آفيس تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، واقعي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. ڪراچي ۾ جنگ ۽ جيو گروپ جي مرڪزي آفيس تي حمل?? کانپوءِ نجي ٽي وي چينل تي ردعمل ڏيندي ه?? چيو ته پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي پر تشدد ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي ۽ حڪومت ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن کي تشدد جي اجازت نه ٿي ڏئي سگ??ي، سنڌ حڪومت ڇو وقت سر پوليس مهيا نه ڪئي. شبلي فراز چيو ته واقعي ۾ پوليس جو خاموش تماشائي بڻجڻ سمجهه کان مٿي آهي ته پوليس مظاهرين جي خلاف ايڪشن ڇو نه کنيو، واقعو ڪراچي ۾ ٿيو آهي ان لاءِ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي ته ڪهڙا محرڪات هئا ۽ واقعي ۾ ڪهڙا ماڻهو ملوث هئا.