اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ??راز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب سياحت جي شعبي کي ترقي ڏني پئي وڃي ته جيئن ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگهن، پيراگلائيڊنگ ۾ نوجوانن جي دلچسپي وڌي رهي آهي، ان نوعيت جي سرگ??مي?? سان نه رڳو راندين کي فروغ ملندو پر سياحت جي شعبي ۾ به ترقي ٿيندي. هو ٽن ڏينهن واري سياحتي ۽ فيملي ??يلي جي افتتاحي تقريب کي خط??ب ڪري رهيو هو. منصوبابندي، ترقي،سڌارن ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير اسد عمر، توانائي وارو وفاقي وزير عمر ايوب، هوابازي وارو وفاقي وزير غلام سرور ??ان، وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار ذوالفقار بخاري، بين الصوبائي رابطن ۽ راندين واري وفاقي وزير فهميده مرزا کانسواءِ ملڪ جي مختلف حصن مان سياحت ۽ راندين جي شعبي سان لاڳاپيل مشهور ??خصيتن جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي ??راز چيو ته نجي شعبي ان تقريب جو انعقاد ڪيو آهي، جڏهن ته حڪومت انهن جي مدد ڪئي آهي جنهن جو مقصد مقامي رهواسين کي صحتمند تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته پيراگلائيڊنگ مهانگي راند نه هئي، ان ۾ نوجوانن جي وڌندڙ تعداد اسان لاءِ حوصلي ??ارو آهي. هن چيو ته ان ميلي ۾ پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪ جا نمائندا شريڪ ٿيا.