اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) 22 آگسٽ (اڄ) آچر ڏينهن سعودي عرب جي شهر جده ۾ او آءِ سي جو غيرمعمولي ايگزيڪيوٽو اجلاس طلب ڪيو آهي. اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. او آءِ سي جي س??ڪر??ٽري جنرل يوسف بن احمد العثيمين پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي ٻڌايو ته افغانستان ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪر?? جي لاءِ سفيرن ۽ مستقل نمائندن جو اجلاس ٿيندو. پرڏيهي آفيس هڪ بيان ۾ چيو ته پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ا??غانستان ۾ پائيد??ر امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پنهنجو تعميري ڪرد??ر ادا ڪندو رهندو. هن ا?? اميد جو اظهار ڪيو ته افغان پارٽيون هڪ ٺوس سياسي حل جي لاءِ ڪم ڪنديون. هن وڌيڪ چيو ته ڪابل ۾ ڳالهين جي ڪاميابي سان نه رڳو افغانستان پر خطي کي به فائدو ٿيندو. پرڏيهي وزير افغان عوام جي حقن ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ا?? ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري جي لاءِ ضروري آهي ته اها افغانستان سان مصروف رهي جنهن ۾ ملڪي معيشت، نئين سر ??عمير، بحالي ۽ انساني ضرورتن کي سپورٽ ڪر?? شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان ا??ت جي لاءِ پرامن، متحد، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي ڳولا ۾ افغان عوام سان پنهنجي روايتي يڪجهتي ظاهر ڪر?? به ضروري آهي. هڪ ٺوس حڪومت قائم ڪر?? جي ڪوششن جي اهميت تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير افغانستان جي اندر ۽ ٻاهر حالتون خراب ڪندڙن بابت خبردار ڪيو جيڪي ملڪ جي صورتحال جو فائدو کڻڻ چاهين ٿا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افعانستان مان سفارتي مشنز، عالمي تنظيمن، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۽ چرپر ۾ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن ا?? اميد جو اظهار ڪيو ته ڪابل ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿينديون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٺوس ۽ حصيدار حڪومت ٺهندي جيڪا افغانستان ۾ پائيد??ر امن، ترقي ۽ خوشحالي آڻيندي.