اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) قومي ا??يم??لي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ خداداد پاڪستان اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين کانپوءِ حاصل ٿيو آ??ي، اسان کي قوم جي حيثيت سان پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي ڪري سوچڻ جي ضرورت آ??ي، موجوده حڪومت تعليم ۽ صحت جي شعبن تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ خيبرپختونخوا پهريون صوبو آهي جتي 100 سيڪڙو آبادي کي هيلٿ انشورنس جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. هن اها ڳالهه ب??چاخان ميڊيڪل ڪا??پليڪس صوابي ۾ ڊائيلاسز سينٽر جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪرڻ جي مو??عي تي چئي. هن چيو ته ب??چا خان ميڊيڪل ڪا??پليڪس صوابي صوبي جو 12 هون ايم ٽي آءِ اسپتال آ??ي، خيبرپختونخوا جو هر شهري 10 لک تائين بلڪل مفت علاج ڪرائي سگهي ٿو، ٻين صوبن ۾ به صحت جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته صوابي ۾ گردن جي مريضن کي سخت مشڪلاتون درپيش هيون، صوابي جا مريض هاڻي پنهنجي ضلعي ۾ ڊائيلاسز ڪرائي سگهن ٿا. اسپيڪر چيو ته ب??چا خان ميڊيڪل ڪا??پليڪس ۾ جلد وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن چيو ته اسان سڀني لاءِ 14 آگسٽ وچن ورجائڻ جو ڏينهن آ??ي، ملڪ خداداد پاڪستان اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين کانپوءِ حاصل ٿيو آ??ي، اسان کي قوم جي حيثيت سان پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي ڪري سوچڻ جي ضرورت آ??ي، آزادي جي عظيم نعمت تي اسان پنهنجي رب جو جيترو ٿورو ادا ڪريون اهو گهٽ آهي.