اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته الحمد الله! اڄ پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿي چڪا آهن، وزيراعظم عم??ان خان جي قيادت ۾ مديني جي رياست وانگر فلاحي رياست جي قيام طرف گامزن آهيون، پهريون ڀيرو ملڪ گير سطح تي بي سهارا ۽ پيڙهيل طبقن لاءِ پناهه گاهون ۽ لنگر خانا قائم ڪيا ويا آهن، ماحولياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اسان جي وڻڪاري مهم ۽ قدمن جو اعتراف دنيا ڪري رهي آهي، وزيراعظم عم??ان خان جي ڏور رس پاليسين ۽ دانشمنداڻي فيصلن سان ملڪ ترقي ۽ عوام خوشحالي جي شاهراهه تي گامزن آهي،
ٽن سالن جي اڻٿڪ محنت، ڏينهن رات ڪم جا ثمر عوام تائين پهچي رهيا آهن، پي ٽي آءِ ڪنهن به مرحلي ۾ مخالف ڌر ۽ پي ڊي ايم جي احتجاج، ڌرڻن، استعيفائن ۽ ڌمڪين کان نه گهٻرايو، ڪووڊ – 19 اچڻ کان وٺي اڄ تائين حڪومت جي ڪامياب حڪمت عملي سان پاڪستان ۾ ان وبا سان دنيا جي ڀيٽ ۾ گهٽ جاني نقصان ٿيو، ان وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ اين سي او سي جي پليٽ فارم تان مسلسل 500 ڏينهن صوبائي حڪومتن جي جامع رابطن، مثالي تعاون جي ڪري ڪاميابيون حاصل ٿيون، اسان کي حڪومت ملي ته ملڪ معاش?? طور تي ڊيفالٽ جي چائنٺ تي هو، عم??ان خان جي معاشي ٽيم جي محنت سان هر سال جي ڊي پي ۾ بهتري آندي، گذريل مالي سال ۾ جي ڊي پي 4 سيڪڙو هئي.
پي ٽي آءِ حڪومت جا 3 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته لارجر اسڪيل مينوفيڪچرنگ 14.3 سيڪڙو گروٿ ڏيکاري، جنهن سان مجموع?? طور تي واڌ جي شرح ۾ اضافي ۾ مدد ملي، اڄ ملڪي روانگي واپار 25.3 ??رب ڊالر آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا، روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جو ناڻو 3 سالن جي بلند ترين سطح تي بيٺل آهي، خدمتن جي شعبي ۾ آءِ ٽي دنيا ۾ ايترو بهتر مقام بڻايو، پهريون ڀيرو آءِ ٽي برآمدات 2 ??رب ڊالر کان وڌيڪ ٿي، مٽاسٽا جو ناڻو 29.4 ??رب ڊالر کان ٽپي ويو، هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا جيڪي 19 -2018ع ۾ 7 ??رب ڊالر تي هئا هاڻي 17 ??رب ڊالر کان وڌيڪ آهن جيڪي 4 سالن جي بلند ترين سطح آهي. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 13 هزار نوجوانن ۾ 15 ??رب روپين کان وڌيڪ جي رقم ورهائي وئي، پهريون ڀيرو 40 کان 60 لک خاندانن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪيو ويو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت انهن ٽن سالن دوران اهڙن پروگرامن ۽ منصوبن جو آغاز ڪيو جيڪي 71 سالن جي تاريخ ۾ ممڪن نه ٿي سگهيا هئا،
هن چيو ته 1000 ??رب روپين جي سيڙپڪاري جا ڪمرشل ۽ رهائشي منصوبا منظور ٿي چڪا آهن، گهٽ آمدني وارن گهرن لاءِ 145 ??رب روپين جون درخواستون مليون آهن، 45 ??رب روپين جا قرض منظور ٿي چڪا آهن، عم??ان خان هن وقت پاڪستان ۾ واحد اڳواڻ آهي جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ لانگ ٽرم منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، لاڳاپيل 120 صنعتن ۾ 4100 ??رب جون معاشي سرگرميون ٿينديون ۽ مجموع?? طور تي 7 لک روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، هن وقت تائين 20 هزار گهٽ آمدني وارا هائوسنگ يونٽس مڪمل ٿي چڪا آهن. جڏهن ته نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي 70 هزار گهرن جي پراجيڪٽس کي شارٽ لسٽ ڪري ورتو آهي، هن چيو ته صحت انصاف ڪارڊ اسان جي حڪومت جو فليگ شپ منصوبو آهي، خيبرپختونخوا جي پوري آبادي کي صحت انصاف ڪارڊ فراهم ڪيو ويو آهي،
هن سال پنجاب جي پوري آبادي کي صحت هيلٿ ڪارڊ ڪوريج ملي ويندي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته احساس پروگرام جي ذريعي پِيڙهيل طبقن جي خدمتن ڪري رهيا آهيون. احساس پروگرام کي وڌائي 260 ??رب ڪيو ويو آهي، هن چيو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جو 11 مهينن جي ٿوري مدي ۾ 2 ??رب ڊالر کان ٽپڻ اوورسيز پاڪستانين جي عم??ان خان جي پاليسين تي اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته ديامرڀاشا ڊيم، داسو هائيڊرو پاور، مهمند ڊيم، هريپور پاور پراجيڪٽ، ڪچي ڪينال، سنڌ بيراج، ڪي فور واٽر سپلائي پراجيڪٽ، ڪُرم تنگي ڊيم، ۽ نئين گاج ڊيم پراجيڪٽ تي ڪم تيزي سان جاري آهي، پاڻي جي ذخيرن جا اهي 10 منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 28 لک 90 ايڪڙ فوت پاڻي ذخيرا هوندا، انهن منصوبن مان سستي پن بجلي جي پيداوار ۾ 9043 ميگاواٽ اضافو، 35 هزار کان وڌيڪ نوڪريون جا موقعا ميسر ايندا. 70 سالن ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ زمين کي آباد ڪرڻ جا جيترا منصوبا لڳايا ويا، ايترو انهن 10 آبي ذخيرن جي منصوبن تي تڪميل سان ممڪن ٿي سگهندو.