دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ”ويزن وچ ايشيا“ پاليسي جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن سان وسيع پئماني تي لاڳاپا وڌائن لاءِ پرعزم آهي، ترميز – مزار شريف – ڪابل – جلال آباد – پشاور کي ??لائيندڙ ٽرانس افغان ريلوي منصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ خطي لاءِ اهم آهي. اها ڳالهه هن تاجڪستان جي گادي وار?? شهر دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي قزا??ست??ن جي صدر قاسم جمرات توڪائف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ??نهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽرانسپورٽيشن لنڪس سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفا لاڳاپا وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان پنهنجي ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن سان وسيع پئماني تي لاڳاپا وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، ??زيراعظم خاص طور تي رابطن جي اهميت ۽ سمنڊ تائين مختصر ترين رستو فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي اهم پوزيشن تي زور ڏنو. وزيراعظم ترمز – مزار شريف – ڪابل – جلال آباد – پشاور کي ??لائيندڙ ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي اهميت کي به اجاگر ڪيو. وزيراعظم سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ملڪي ترقي کي جيوسياست کان جيواڪنامڪس ۾ منتقل ڪرڻ جي پنهنجي ويزن جي به وضاحت ڪئي، ??نهي اڳواڻن علائقائي استحڪام کي ??روغ ڏيڻ لاءِ زميني ۽ فضائي رستن جي ذريعي رابطا وڌائڻ جو به فيصلو ڪيو، وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي به زور ڏنو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو افغان عوام جي مدد، فوري انساني ضرورتن کي ??ورو ڪرڻ ۽ معيشت جي استحڪام جي غرض سان قدم کڻڻ جي لاءِ رابطا جاري رکي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي رابطن ۽ ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي سياسي م??اس??ا جو تعداد وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم صدر توڪائف کي ??اڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو، جڏهن ته صدر توڪائف وزيراعظم عمران خان کي ??زا??ست??ن جي دوري جي دعوت ڏني.