اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??اڪ??تان ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ سمنڊ پار ??اڪ??تانين کي پنهنجي ڪاروباري ادارن کي خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ توسيع ڏيڻ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اداره جاتي فريم ورڪ قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??اڪ??تان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ ڪمپنين جي رجس??ري??ن ۽ سرمائي جي منتقلي کي آسان بڻائيندي ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ آمريڪا جي سيليڪون ويلي سان تعلق رکندڙ ??اڪ??تانين جي وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن ۽ ??اڪ??تانين کي ??اڪ??تان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي دوران درپيش مسئلن تي غور ڪيو ويو. سيليڪون ويلي سان تعلق رکندڙ ??اڪ??تاني شهرين جي مشهور آءِ ٽي ماهرن درپيش مسئلن کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ ڪمپنين جي رجس??ري??ن جو ڏکيو طريقيڪار، بئنڪ اڪائونٽس کولڻ جو ڊگهو عمل ۽ هڪ ونڊو آپريشن جي کوٽ نمايان آهي جيڪا غير ملڪي ڪاروبارن ۽ سيڙپڪارن جي ملڪ ۾ اچڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. هن ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف قدم تجويز ڪيا ته جئين ??اڪ??تان کي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري لاءِ پرڪشش مقام بڻائي سگهجي. سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف ??اڪ??تان (ايس اي سي پي) اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪمپنين جي رجس??ري??ن جي عمل کي آسان بڻايو ويو آهي جنهن سان ايس اي سي پي ۾ ڪنهن ڪمپني کي رجسٽر ڪرڻ ۾ صرف 4 ڪلاڪ لڳندا آهن. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري ٻڌايو ته تجارتي ۽ ڪاروباري تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ ملڪ جي 23 ضلعن ۾ ڪمرشل ڪورٽون قائم ڪيون ويون آهن، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر (ايس بي پي) اجلاس کي ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ ڪاروباري ادارن کي غير ملڪي سيڙپڪارن کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوسشون ڪري رهيو آهي، اجلاس غير ملڪي سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ لاءِ موجوده نو??ري??ئزيشن طريقيڪار ۾ ترميم ۽ آسان بڻائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو، اجلاس ۾ خطاب ڪندي صدر چيو ته حڪومت غير ملڪي ڪاروبارن ۽ سيڙپڪارن کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. صدر ٻاهرين ملڪ ??اڪ??تاني برادري کي خاطري ڪرائي ته هو ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪري انهن جي خدشن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏينداسين.