اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي برطانيا جي ٽن ڏينهن جي دوري تي لنڊن پهچ?? ويو آهي، هيٿرو ايئرپورٽ پهچڻ تي برطانيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر معظم احمد خان ۽ نائب سفير ڊاڪٽر فيصل عزيز ۽ س??ار??خاني جي سينيئر آفيسرن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير اڄ رات پاڪستان هائوس ۾ منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي برطانوي فارن افيئرز ڪميٽي جي سربراهه ۽ پارليامينٽ ميمبرن، برطانوي پرڏيهي وزير الزبيٿ ٽرس ۽ پاڪستاني ڪميونٽي جي نمائنده شخصيتن سان ملاقات پڻ ڪندو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ۽ اهم ع??ائ??ائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئ?? ويندي. پرڏيهي وزير لنڊن ۾ ميڊيا نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ پاڪ برطانيا لاڳاپن، اهم ع??ائ??ائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. پرڏيهي وزير جو اهو برطانيا جو دورو ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ جو مظهر آهي.