اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف ٽيليفون ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳ??پن تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لا??ِ مختلف شعبن ۾ مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي جي جلد تڪميل جي ذريعي ٻطرفي اقتصادي لاڳ??پن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان علائقائي خوشحالي لا??ِ رابطي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي وقت سر پڄاڻي لا??ِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ازبڪ صدر وزيراعظم پاران پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳ??پن سميت مختلف شعبن ۾ موجوده ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيندو.