اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فرمان شاهه ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ان م??قع?? تي ساڻس گڏ خيبرپختونخواهه جي ناليواري سياسي شخصيت غضنفر بلور پڻ موجود هو. غضنفر بلور پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪ??و. ??زيراعظم غضنفر بلور کي پي ٽي آءِ ۾ ڀليڪار ڪ??و. ??لاقات ۾ خيبرپختونخواهه صوبي جي سياسي صورتحال، جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ گورننس جي بهتري جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.