اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ جاري ويڪسينيشن جو هڪ ٻيو سنگ ميل عبور ڪيو ويو آهي. فرخ حبيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته 2021ع جي پڄاڻي تي سڄي ملڪ سميت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ رهندڙ 7 ڪر??ڙ ماڻهن جي ويڪسينيشن مڪمل ٿيڻ خوش ??ئينده ڳالهه آهي، مملڪت?? وزير چيو ته اين سي او سي وفاق، صوبن ۽ ادارن جي وچ ۾ تعاون جي بهتر??ن مثال قائم ڪيو آهي.