اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پا??ست??ن رومانيا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پا??ست??ن ۾ مقرر رومانيا جي سفير نيڪولي گويا سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وز??ر چيو ته پا??ست??ن رومانيا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. پا??ست??ن يورپي يونين سان گڏ اسٽريٽجڪ حصيداري تحت رومانيا سميت مختلف يورپي ملڪن سان گڏ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وز??ر ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پ????ست??ن ۽ رومانيا جي وچ ۾ اعليٰ سط??ي رابطن ۽ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو، پا??ست??ن ۾ مقرر رومانيا جي سفير نيڪولي گويا پا??ست??ن ۽ رومانيا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريندي پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.