اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي ميون جي پيداوار ۾ اضافي جي ذريعي روانگي واپار کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو، روانگي واپار جي فروغ لاءِ ويليو ايڊيشن ۽ ٻجن جي معيار ۾ بهتري جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن واپار واري وزارت ۽ سرگوڌا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ ترشاوه ميوا (موسمي ۽ مالٽا) شو 2022ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته دنيا ۾ پاڪستاني ميون جي شهرت ۽ ملڪ ۾ دستياب سهولتن بابت هن تقريب جو اهتمام اهميت رکي ٿو. پاڪستان اسرندڙ ملڪ آهي. روانگي واپار ۽ آمدني واپار جي وچ ۾ توازن کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ملڪ ۾ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن ??يو ته الله تعاليٰ هر شيءَ کي خوبصورت ۽ منفرد بڻايو آهي. انسان شين جي پلاسٽڪ سان پيڪنگ ڪري ٿو. خوبصورت پيڪنگ جي ذريعي مصنوعات کي پرڪشش بڻايو وڃي ٿو. هن ??يو ته ??سا?? کي ويليو ايڊيشن ۽ پيداواري لاڳت گهٽ ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. پيداواري لاڳت گهٽ ٿيڻ سان هر شخص ان کي استعمال جي لاءِ خريد ڪري سگهي ٿو. ??سا?? کي مصنوعات جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ دنيا جي تجربن مان فائدو کڻڻ گهرجي. ملڪي سطح تي ماحولياتي صورتحال جي ڏس ۾ تحقيق ڪري بهتر بڻايو پيو وڃي. مصنوعات جي پيداوار ۾ اضافي ۽ روانگي واپار جي فروغ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ۾ آندي وڃي. هن ??يو ته يوني??رس??ين کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب تعليم ۽ مهارتن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. سرگوڌا يوني??رس??ي، سرگوڌا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي ڀرپور تعاون فراهم ڪري رهي آهي. هن ??يو ته حڪومت روانگي واپار جي فروغ ۽ مصنوعات ۾ بهتري جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن ??يو ته ميون کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ ڪولڊ چين هجڻ گهرجي. هن ??يو ته افغانستان ۾ جلد امن ٿيندو. افغانستان جي معيشت بهتر ٿيندي ته اتي به پاڪستاني مصنوعات خاص طور تي ميون جي گهرج وڌندي. پاڪستان ترشاواه ميوا پيدا ڪندڙ 11هون وڏو ملڪ آهي. ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. غذائيت تي ٻڌل پيداوار تي ڌيان ڏنو وڃي. مصنوعات جي سرٽيفڪيشن ٿيڻ گهرجي. ان سان ويليو ايڊيشن ۾ بهتري ايندي. مصنوعات جي کپت ۽ قيمت وڌيڪ ٿيندي. هن ??يو ته پاڪستان جي مينگو ڊپلوميسي ڪامياب رهي. دنيا ۾ انب موڪلي ان جي قدر ۽ اهميت ۾ اضافو ڪيو وڃي ٿو.