اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ادارن جي مضبوطي، شفافيت ۽ ميرٽ حڪومت جي اولين ترجي?? آهي، پاڪستان کي مضبوط، خوشحال ۽ پرامن بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جا??ي بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي د??پيش مسئلن جي حل سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، عورتن کي ??ااختيار بڻائڻ ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ادارن جي مضبوطي، شفافيت ۽ ميرٽ حڪومت جي اولين ترجي?? آهي، پاڪستان کي مضبوط، خوشحال ۽ پرامن بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا.