ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان روس سان ڊگهي مدي وارن ٻطرفن لاڳاپن جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم جاري رکندو، والاريل ڪشمير جي تڪرار جو پرامن حل ضروري آهي، روس ۽ يوڪرائن جي وچ ۾ تازي ترين صورتحال افسوسناڪ آهي، پاڪستان سفارتڪاري سان ان جي حل جي اميد ڪري ٿو، تڪرارن جو حل ڳالهين ۽ سفارتڪاري سان ٿيڻ گهرجي. ??زي??اعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب روس جي دوري جي موقعي تي ڪريملن ۾ ??زي??اعظم عمران خان ۽ صدر ولادي مير پيوٽن جي وچ ۾ سربراهي ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن، ٻطرفي مفاد جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ تازي ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي ??زي??اعظم عمران خان اطمينان جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ گڏيل لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي جو تسلسل جاري رهندو. ??زي??اعظم چيو ته لاڳاپن ۾ ڀروسو ۽ گرمجوشي شعبن ۾ انهن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسعت ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي جي اهميت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فليگ شپ اقتصادي منصوبي جي آهي، ٻنهي اڳواڻن توانائي سان لاڳاپيل ٻين منصوبن ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ??زي??اعظم روس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي وارن گهڻ رخن لاڳاپن جي عزم کي ورجايو. علائقائي ڏس ۾ ??زي??اعظم عمران خان افغانستان ۾ انساني بحران کي فوري حل ڪرڻ ۽ معاشي تباهي جي روڪٿام جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان دنيا سان گڏجي هڪ مستحڪم، پرامن ۽ ٺوس افعانستان جي لاءِ ڪم جاري رکندو. ان ڏس ۾ هن پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن بشمول شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سميت تازي جاري تعاون ۽ رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو. سائوٿ ايشيا جي صورتحال جي حوالي سان ??زي??اعظم عمران خان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنجيده صورتحال کي اجاگر ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت آهي. ??زي??اعظم علائقائي امن ۽ استحڪام کي پهچندڙ نقصان جي حوالي سان چيو ته علائقائي توازن کي برقرار رکڻ ۾ معاون قدم کنيا وڃن. ??زي??اعظم روس ۽ يوڪرائن جي تازه ترين صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان اميد ڪري ٿو ته فوري تڪرار کي سفارتڪاري سان حل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته تڪرار ڪنهن جي مفاد ۾ نه آهي ۽ تڪرار جي صورت ۾ سدائين اسرندڙ ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار ٿين ٿا. هن چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته تڪرار ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري سان حل ٿين. دنيا ۾ اسلامو فوبيا ۽ انتهاپسندي جي وڌندڙ رجحانن جو حوالو ڏيندي ??زي??اعظم زور ڏنو ته بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل بقاءَ جي ضرورت آهي. صدر پيوٽن جي حضرت محمد ﷺ سان مسلمانن جي وابستگي جي حساسيت ۽ احترام کي سمجهڻ کي ساراهيندي ??زي??اعظم چيو ته معاشرن جي اندر ۽ انهن جي وچ ۾ امن ۽ هم آهنگي جي لاءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ سمورن مذهبن جو احترام ضروري آهي. ??زي??اعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد ٻن ڏينهن جي روس جي دوري تي آهي. ??زي??اعظم سان گڏ ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عم??دا?? پڻ آهن.