اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانستان جي صد?? گربانگولي بردي محمدوف ۽ نئين چونڊيل صد?? سردار بردي محمدوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن ٻنهي اڳواڻن سان مختلف ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانستان جي صد?? گربانگولي بردي محدوف کي 12 مارچ 2022ع ??ي صدارتي چونڊون ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ ۽ سندس پٽ سردار بردي محمدوف جي فتح تي مبارڪب??د ڏني. هن چيو ته اها شاندار فتح ترڪمانستان جي عوام جي موجوده قيادت جي ويزن تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي. هن نومبر 2021ع ۾ 15 هين اي سي او سربراهه اجلاس جي موقعي تي ترڪمان هم منصب سان پنهنجي ملاقات کي انتهائي نتيجاخيز قرار ڏنو. صد?? رابطا وڌائڻ، سياحت ۾ اضافي ۽ عوامي رابطا وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17هين غيرمعمولي اجلاس ۾ ترڪمانستان جي شرڪت کي ساراهيو. هن ترڪمانستان جي صد?? گربانگولي بردي محدوف کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 30 هين سالگرهه تي مبارڪب??د ڏني. نئين چونڊيل صد?? سردار بردي محمدوف سان ڳالهائيندي صد?? ڊاڪٽر عارف علوي کيس ترڪمانستان جو صد?? چونڊجڻ تي مبارڪب??د ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندو. هن تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جي لاءِ پاڪستان جي تعاون کي ورجايو. هن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ اضافي ۽ اقتصادي تعاون کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صد?? 22 – 23 مارچ 2022ع تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ايندڙ 40 هين اجلاس ۾ شرڪت تي ترڪمانستان جا ٿورا مڃيا. صد?? خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن جي فروغ سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو.