اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ ??ي) پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو 48 هون اجلاس تاريخي نوعيت جو آهي، مسلسل ٻيون ڀيرو او آءِ ??ي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ فخر جوڳي آهي، او آءِ ??ي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي سميت مسلم??ن امت کي درپيش چئلينجز غور هيٺ ايندا، اسلامو فوبيا جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان جو ڪردار تاريخي آهي. او آءِ ??ي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي حوالي سان تيارين جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي نيوز ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته او آءِ ??ي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ پرڏيهي آفيس جي ٻين عملدارن سان گڏ قومي اسيمبلي ۾ اجلاس جي انتظامن جو جائزو ورتو، سمورا انتظام ا??مينان جوڳا آهن. هن چيو ته او آءِ ??ي سيڪريٽريٽ جا ڪيترائي عملدار اچي چڪا آهن جڏهن ته آچر جي صبح مصر جو پرڏيهي وزير پڻ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ??سلام آباد پهچي چڪو آهي ۽ ان سان ٻطرفي ملاقات پڻ ٿي، اڄ سومر کان ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي آمد متوقع آهي، او آءِ ??ي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو 48 هون اجلاس تاريخي نوعيت جو آهي، ماڻهن جي تمام گهڻي دلچسپي آهي ۽ پوري قوم جون نظرون ان تي لڳل آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته هڪ ٻئي پٺي??ن او آءِ ??ي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ ??مام وڏو اعزاز آهي، اجلاس جي تفصيلي ايجنڊا آهي ۽ امت کي درپيش چئلينجز غور هيٺ ايندا جڏهن ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي جي حوالي سان قراردادن تي تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي ۽ اڃا ڪجهه ڪم باقي آهي، اميد آهي ته مهمان نه رڳو انهن معاملن تي پنهنجو ڪردار ا??ا ڪندا پر مطمئن ٿي واپس ويندا. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪست??ن او آءِ ??ي جو باني ميمبر آهي ۽ هن اداري کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار آهي، هن اداري جي وڌيڪ بهتري جي لاءِ پاڪستان کان جيڪو ٿي سگهيو پنهنجو حصو وجهندو. هن چيو ته هلندڙ سال هن اجلاس جي اهميت اسان جي لاءِ ??ن لاءِ وڌيڪ آهي ڇو ته هي پاڪستان جو 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جو سال آهي، جيترا پرڏيهي وزير اچي رهيا آهن، اهي 23 مارچ تي نيشنل ڊي پريڊ ۾ پڻ شرڪت ڪندا ۽ پوري قوم وڏي گرم جوشي س??ن انهن جو استقبال ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته اسلامو فوبيا جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان جو ڪردار تاريخي آهي، هن سڀ ک??ن اڳ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف آواز اٿاريو ۽ آخرڪار گڏيل قومن اسلامو فوبيا جي خلاف قرارداد منظور ڪئي، هر سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف ڏينهن ملهايو ويندو، مسلم??ن امت جي دل آزاري جي تدارڪ جي لاءِ هي وڏو قدم آهي.