اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ۽ سينيٽر فيصل جاويد چيو ??هي ته پاڪستان تاريخي لمحن مان گذري رهيو آهي، حق ۽ باطل وچ ۾ فيصلائتي گهڙي اچي چڪي آهي. سڄي قوم جون نگاهون سپريم ڪورٽ تي آهن، اميد ??هي ته عدالت سڳوري سمورين شاهدين کي ڏسي ڪري هميشه جيئان عوام سان انصاف ڪندي. عدالت سڳوري جيڪو به فيصلو ڪندي ان جو احترام ڪنداسين، اسان هميشه عدالتن جو احترام ڪيو ??هي ۽ ڪندا رهنداسين. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته 27 مارچ تي عمران خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ڪيو، عوام حق جو ساٿ ڏنو ۽ باطل کي رد ڪيو. هن چيو ته اپوزيشن وارن پاڪستان ۽ عمران خان خلاف سازش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سندن غداري نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ ثابت آه??، اسان جا ڦري ويل ميمبر به ان سازش ۾ شامل آهن. جن پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اپوزيشن بار بار چئي رهي هئي ته اليڪشن ڪرايو ۽ هاڻي هي ماڻهو اليڪشن کان فرار ڇو ٿي رهي?? آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي پارلياماني بورڊ جي گڏجاڻي سڏائي وئي آهي، ٽڪيٽن لاءِ درخواستون به طلب ڪري رهي?? آهيون، اسان نئين اليڪشن جي تياري طرف وڃي رهي?? آهن. پيپلز پارٽي، (ن) ليگ، جي يو آءِ (ف) ۽ ٻين سياسي پارٽين مان ڪيترائي ماڻهو پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪندا. عليم خان جي الزامن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عليم خان بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيا الزام لڳايا. تحريڪ انصاف ۾ هوندي کيس اهي ڳالهيون ڇو نه ياد آيون پارٽي ڇڏڻ بعد عليم خان کي اهي ڳالهيون ياد آيون آهن. الزام اشوز تي هوند?? آهن ذاتيات تي لهڻ ٺيڪ ناهي، عمران خان جي ڪنهن سان ڪا ذاتي دشمني ناهي. ڪم ظرف ماڻهو ذاتيات تي ڳالهائيند?? آهن. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته روزاني جي بنياد تي احتجاج ٿي رهي?? آهن، عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي.