اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ جي پويان منصوبابندي آهي جنهن کي قوم ڄاڻڻ ??اهي ٿي، عدليه ان معاملي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اطهار هن پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وزارت جا عملدار ۽ سفارتڪار ايماندار ۽ سل??هيل آهن، هن چيو ته مخالف ڌر چئي ره?? آهي ته بي اعتمادي رٿ جي معاملي تي آئين شڪني ٿي وئي، اسان کي آئين جو احترام آهي، بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ مخالف ڌر جو حق آهي، ڊپٽي اسپيڪر بي اعتمادي رٿ کان انڪار ناهي ڪيو، هن حقيقتن جي بنياد تي رولنگ ڏني، اهو معاملو هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، هن چيو ته ٻي ملڪ مان موڪليل خط اصلي آهي، ابهام پيدا نه ڪيو وڃي، مخالف ڌر پارليماني سل??متي ڪيمٽي ۾ اسپيڪر جي دعوت جي باجود ڇو نه آئي، هن چيو ته ٽڪيٽن جا واعدا ۽ ضمير فروشي جي ڇا آئين اجازت ڏي ٿو. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جون ڪڙيون ڪٿي ته ملن ٿيون، ان جي پويان منصوبابندي آهي جنهن کي قوم ڄاڻڻ ??اهي ٿي. هن چيو ته اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ جن ماڻهن سان غير ملڪي سفارتڪار ملندا ره??ا آهن انهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ان معاملي جي جاچ لاءِ عدليه جڊيشل ڪميشن جوڙي سگهي ٿي، هن چيو ته ان معاملي تي قومي سل??متي ڪميٽي جو موقف واضح آهي.