اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان معمول موجب جمعي جو خطبو سڌ?? سنئون نشر ڪيو ويو، ”رمضان المبارڪ گذارڻ جو بهترين طريقو“ جي موضوع تي جمعي جو خطبو ڏنو ويو. ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. خطيب ڊاڪٽر محمد ??هير جمعي جي خطبي ۾ رمضان المبارڪ جي برڪت ۽ فضيلت بيان ڪندي چيو ته رمضان جو مهينو انسان جي تربيت جو مهينو آهي، روزو انسان جي اندر صبر ۽ تحمل پيدا ڪندو آهي روزي ۾ حلال شين کان به هڪ وقت تا??ين منع ڪئي وئي آهي، حلال طريقي سان رزق حاصل ڪرڻ به عبادت آهي، خطيب ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي هن مبارڪ مهيني ۾ ڪثرت سان توبع ۽ استغفار ڪرڻو آهي، رمضان جي مهيني ۾ اسان کي خراب صحبت کان بچڻو آهي، هن مبارڪ مهيني ۾ مسلمان پنهنجي رب کي به راضي ڪري سگهن ٿا، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائ?? لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد کان سڌ?? سنئون خطبو نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. جمعي جي نماز جي موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحال?? لاءِ دعا ڪئي وئي.