اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري کي ڪويت جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر شيخ احمد ناصر الحمد الصباح ٽيليفون ڪئي ۽ پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀال?? تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزارت پاران ج??ري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ڪويت جي ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جا ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آهن، پاڪستانين جو هڪ وڏو تعداد روزگار جي سلسلي ۾ ڪويت ۾ رهندڙ ??هي ۽ هو ٻنهي ملڪن جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان ڪويت س??ن ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.