ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته برآمد ڪندڙن جي مسئلن جي حل لاءِ ضر??ري انفراسٽرڪچر ۽ موثر ون ونڊو آپري??ن جهڙيون سهولتون فراهم ڪري سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪاروباري برادري جي هڪ گروپ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ کي درپيش مالياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم واپاري برادري تي زور ڏنو ته اها برآمدي شعبن جهڙوڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي ترقي تي ڌيان ڏين. هن ان مقصد جي لاءِ ملڪ جي سمورن حصن ۾ ايڪسپورٽ انڊسٽريل زونز تيار ڪرڻ جو واعدو ڪيو جنهن ۾ برآمد ڪندڙن کي انهن جي مسئلن جي حل لاءِ ضر??ري انفراسٽرڪچر ۽ ون ونڊو آپري??ن جهڙيون سهولتون فراهم ڪري سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني ويندي. هن گرين ۽ قابل تجديد تو??نائي جي پيداوار جي لاءِ شمسي ۽ هوا جي شعبن کي ترقي ڏيڻ جي ضر??رت تي پڻ زور ڏنو ڇوته پاڪستان تيل جي درآمد تي ساليانو 20 ارب ڊالر خرچ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته حڪومت پاران لگزري ۽ غيرضروري شين جي درآمد تي پابندي جي فيصلي سان ساليانو 4 ملين ڊالر جي بچت ٿ??ندي جيڪا پام آئل جي سالياني درآمد جي لاءِ ڪافي آهي. وزيراعظم خواهش ظاهر ڪئي ته واپاري برادري سميت پوري قوم اسان جي خراب سماجي اقتصادي حالتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ڇو ته اڳتي وڌڻ جو اهو ئي واحد رستو آهي.