ملتان – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ملتان طاهر وٽو چيو آهي ته 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ريليون ڪڍيون وينديون، ضلعي انتظاميا 14 آگسٽ ڏهاڙي جون هفتيوار تقريبون ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ ج?? فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ ضلعي کاتن کي تقريبن جو اهتمام ڪرڻ ج?? ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. اهڙن ??يالن جو اظهار هن گذري?? ڏينهن آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر رضوان نذير بريفنگ پڻ ڏني. ڊپٽي ڪمشنر طاهر وٽو چيو ته 14 آگسٽ تي آرٽس ڪائونسل ۾ قومي سطح جو مشاهرو ڪرايو ويندو جنهن ۾ ملڪ جي ناليوارن شاعرن کي گهرايو ويندو. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ميراٿن ڊوڙ، سائيڪل ريست سميت مختلف مقابلا پ?? جشن آزادي تقريبن جو حصو هوندا.