اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) برطان??ا ۾ ??اڪ??تان جي هاءِ ڪميشن جي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان هڪ تصويري نمائش منعقد ڪئي ويندي، نمائش جو مقصد غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ??اڪ??تاني هاءِ ڪميشن پاران جاري هڪ پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪمشنر معظم احمد خان ??اڪ??تاني ڪميونٽي ۽ فرينڊز آف ڪشمير کي نمائش ۾ شرڪت ۽ ڀارتي ظلمن جي شڪار ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي دعوت ڏني آهي. نمائش کانپوءِ هاءِ ڪميشن ۾ ڪشمير جي موضوع تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ پارليامينٽ جا ميمبر، ڪشميري اڳواڻ، انساني حقن جون تنظيم??ن ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شرڪت ڪندا.