سيالڪوٽ – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مير عمر فاروق مائر چيو آهي ته ڀارت جي اهڙي ڪنهن به فيصلي کي قبول نه ڪنداسين جيڪو ??شميرين جي خودمختياري جي حق ۽ انهن جي آزادي جي خلاف هو??دو. هن اها ڳالهه اي پي پي سان ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. مير عمر فاروق مائر چيو ته ??اڪستان ۽ پاڪستاني عوام ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت ۾ تبديلي کي ڪڏهن به تسليم نه ڪنداسين، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن سان مظلوم ڪشميرين جي بنيادي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي ۽ اسان ڀارت جي اهڙي ڪنهن به فيصلي کي قبول نه ڪنداسين جيڪو ??شميرين جي خودمختياري جي حق ۽ انهن جي آزادي جي خلاف هو??دو. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي آزادي حاصل ڪرڻ تائين انهن سان گ?? بيٺل آهي.