نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دنيا کي جمهوريت جي مضبوطي، پولرائيزيشن جي خلا?? جنگ، سماجي اڻبرابري جي خاتمي ۽ مظلوم ماڻهن کي انهن جو حق ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ دنيا امن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آ??ي، اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته پائيدار امن جو قيام مثالي آهي جڏهن ته بنياد کي ٺيڪ ڪرڻ کانسواءِ پائيدار امن خو??ب ئي رهندو.