اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو ??رد??ري سڀاڻي اربع کان انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو ??رد??ري بالي انڊونيشيا ۾ پنهنجي انڊونيشيائي هم منصب مسوڊي رينٽو سان ٻطرفي ملاقات ڪندو. پرڏيهي وز??ر بالي ۾ ٻن گهڻ رخي پروگرامن ۾ شر??ت ڪندو جن ۾ 15 هين بالي ڊيموڪريسي فورم ۽ افغان عورتن جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس شامل آهي. بلاول ڀٽو ??رد??ري 15 هين بالي ڊيموڪريسي فورم ۾ جمهوري قدرن جي پا??ستان جي عزم ۽ جديد دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جمهوريت جي اهميت کي اجاگر ڪندو. هو افغان عورتن جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس ۾ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي لاءِ پا??ستان جي ڪوششن بشمول معاشري جي سمورن طبقن جي لاءِ تعليم تائين برابر پهچ جي اهميت کان شر??ت ڪندڙن کي آگاهه ڪندو. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو ??رد??ري جي دوري دوران سنگاپور جي صدر حليمه يعقوب ۽ پرڏيهي وز??ر ڊاڪٽر ويوين بالاڪرشنن سان ملاقات ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وز??ر جي انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو ان اعليٰ ترجيح جو عڪاس آهي جيڪو پا??ستان آسيان ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي ڏي ٿو. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو ??رد??ري جو انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو ٻنهي ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.